درگاهه سيد حيدر علي شاهه

درگاهه سيد حيدر علي شاهه

درگاهه سيد حيدر علي شاهه

درگاهه سيد حيدر علي شاهه: هيءَ درگاهه تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي، جنهن ۾ پنهنجي وقت جي نامياري صوفي بزرگ ۽ اولياء حضرت سيد حيدر علي شاهه جي مزار آهي. هن بزرگ سيد محمد زمان شاهه جي گهر 11 ربيع الثاني 1132هجري بمطابق 10 فيبروري 1720ع تي جنم ورتو. پاڻ پنهنجي وقت جو ناليوارو ۽ مڃيل بزرگ هو. سندس تعلق اويسي مڪتب فڪر سان رهيو ۽ حضرت امام حسين عليه السلام کي پنهنجو مرشد ڪيائين. پاڻ، حضرت سخي رڪن الدين شاهه جو اٺون سجاده نشين رهيو ۽ 14 جمادي الاول 1215 هجري/3 آڪٽوبر 1800ع تي 80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
درگاهه جي بناوت ڪلهوڙا دور جي طرز ۽ تعمير سان مطابقت رکي ٿي. سندس درگاهه شهر جي تاريخي عمارت/درگاهه طور سڃاتي وڃي ٿي. هي درگاهه پڪين ڳاڙهين سرن سان نهايت ڪشادي ٺهيل آهي. درگاهه جي هيٺئين حصي تي پلستر سان حاشيو ڏنل آهي، باقي مجموعي عمارت تي سرن جي مدد سان ڪالم ٺاهي اندر ڇسا نوڪدار ونگ ڏنل آهن. ڇت مٿان چؤطرف ڪانس ٻڌل آهي. مقبري اندا داخل ٿيڻ لاءِ نوڪدار ونگ سان دروازو ڏنل آهي. درگاهه اندر 5 ننڍين قبرن سميت ڪُل 12 قبرون آهن، جيڪي پڪيون ٺهيل آهن. ڇت مٿان اٺ ڪنڊو گول ڳچ آهي، جنهن مٿان گنبذ رکيل آهي. گنبذ نهايت سادو آهي ۽ مٿس ڪنهن به قسم جو جنسار ٿيل نٿو ڏسجي. درگاهه کي زبون حالي کان بچائڻ خاطر تازو اوقاف کاتي، درگاهه جي چئني ڪنڊن وٽ ديوار تي پلستر ڪيو آهي. هتي مقامي ماڻهن سميت سڄي سنڌ مان ايندڙ زيارتين جي تمام گهڻي رش رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو